علامي محمد ٺٽوي

علامي محمد ٺٽوي : علامي محمد بن ملا يوسف ٺٽوي، هڪ درويش ڪامل ٿي گذريو آهي، هو ٺٽي مان جهانگير جي اوائل حڪومت ۾ نواب نورجهان بيگم جي درٻار ۾ پهتو ۽ سندس ڀاءُ نواب اعتماد الدوله آصف جاه سندس شاگرد هو ۽ سندس دعائن سبب ئي ترقي ماڻيائين. سندس باري ۾ شيخ فريد بکري لکي ٿو: ”علامي محمد ٺٽوي سڀني علمن ۾ ڪامل ماڻهو هو، هن کي امام محمد غزاليءَ جو متبادل پڻ سڏي سگھجي ٿو، هو علم جعفر، تڪثير ۽ اعداد ۾ وڏي پهچ وارو هو. ست سال هن ۽ مصطفيٰ علامي برهانپوريءَ جي وچ ۾ علمي بحث هلندو رهيو. هڪ دفعي مصطفيٰ، علاميءَ کان پڇيو ويو، ته ملا محمد کي علمن ۾ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ وراڻيائين: ”هو هن وقت سمورن عالمن ۾ سرفهرست آهي ۽ هندستان ۾ هن جو ڪو به مَٽُ نه آهي، مگر علمِ فقهه زباني ياد نه اٿس، ان ۾ ڪتابن جي ڏسڻ جي ضرورت پويس ٿي“. نواب آصف خان جي مهرباني ۽ وسيلي سان سموري مغليه حڪومت جو صدر مقرر ٿيو ۽ صدارت (هاءِ ڪورٽ جي جج جي عهدي) واري زماني ۾ قرآن شريف به ياد ڪري ورتائين. جھانگير جي زماني ۾ ترخان گھراڻو مرزا غازي وقاريءَ جي وفات کان پوءِ ختم ٿي چڪو هو. جيتوڻيڪ ٺٽي ۾ گورنر، جھانگير پاران مقرر ٿي ايندا هئا، پر ٺٽي جي گورنر آصف خان ( ابوالحسن) جي اشاري سان ملا محمد ۽ سندس ڀائرن کي بنايو ويو. ارغون ۽ ترخان گھراڻي جا باغ، محل ۽ ملڪيتن جا پروانا بادشاھ ملا محمد جي نالي ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي کانئس پوءِ سندس ڀائرن کي مليا. ٺٽي جي قاضيءَ، مير عدل، مفتي، محتسب، سمورا عهدا ملا محمد جي ڀائرن جي حوالي هئا، هي صاحب ٺٽي جو مالڪ بڻجي ويو، پر ان هوندي به هو نور جهان بيگم ۽ نواب آصف خان سان سفر حضر ۾ ساڻ رهندو هو، هو نورجھان بيگم جو به استاد هو.
سندس شهادت کان پوءِ وصيت موجب سندس لاش ٺٽي ۾ پهچائي دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو